دامن درياهه

دامن درياهه: هي آڳاٽي وقت ۾ سنڌوءَ مان نڪرندڙ قديم وهڪرو هو، جيڪو بهاولپور وٽان سنڌوءَ مان نڪري، تعلقي اوٻاوڙي جي ريتي ريلوي اسٽيشن ڀرسان قديم شهر وڄڻوٽ (جيڪو هن وقت کنڊر جي حالت ۾ آهي) وٽان گذري، اڳتي هلي ’واهند‘ درياهه ۾ داخل ٿيندو هو، ۽ اتان ٻنهي جو گڏيل وهڪرو اڳتي وهي عمرڪوٽ جي الهندي پاسي کان گذري ’ڪوري نار‘ ۾ داخل ٿيندو هو. ڪتاب ’دي ائنٽي ڪوئٽيز آف سنڌ‘ ۾ ريورٽي جي ڪتاب ’مهراڻ آف سنڌ‘ جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته، ”موجوده سنڌو درياهه مان هڪڙي شاخ نڪرندي هئي، جيڪا تعلقي اوٻاوڙي جي قديم شهر وڄڻوٽ وٽان گذري عمرڪوٽ کان اڳتي وهندي هئي.“ هن وهڪري جي ذريعي ئي سنڌو ۽ واهند درياهه پاڻ ۾ مليل هئا. دامن درياهه جي بند ٿيڻ بعد جيڪا ننڍي شاخ بچي اها سيهڙ شاخ جي نالي سان سڏجي ٿي، جيڪا تعلقي اوٻاوڙي ۾ ريتي ريلوي اسٽيشن ڀرسان موجود آهي.


لفظ دامن درياههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو